اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي 7 ارب رليف پئڪيج تحت سڄي ملڪ جي يوٽيلٽي اس??ورز تي اڄ اربع کان کنڊ، دالين، چانور ۽ گيهه سميت ٻين ضرورت جي شين تي 7 رپين کان 40 رپين تائين جي سبسڊ?? ڏني ويندي، پئڪيج تحت سستي ضرورت جي شين جي فراهمي تي يوٽيلٽي اس??ورز ٻاهران ڊگهيون قطارون لڳنديون، يوٽيلٽي اس??ورز تان شيون خريد ڪندڙن جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر داخل ڪيو ويندو، هڪ مهيني ۾ ماهوار راشن هڪ ئي ڀيرو حاصل ڪري سگهبو، يوٽيلٽي اس??ورز ڪارپوريشن مارچ جي لاءِ 5 ارب جي خريداري مڪمل ڪري ورتي، پاسڪو کان 2 لک ڪڻڪ سستي اگهن تي حاصل ڪئي وئي آهي، ويجهي مستقبل ۾ رليف پئڪيج تحت 50 ملين غريب، بي سهارا، لاچار خاندانن کي ??اشن ڪار?? ڏنا ويندا، مستحق، لاچار ۽ پيڙهيل ڪمزور طبقن جي زندگي کي ??وشحال بڻائڻ ۽ انهن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جو نصب العين، حڪومت جي ڪمٽمينٽ ۽ مدي??ي جي رياست جي سوچ جي عڪاس آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي اس??ورز ڪارپوريشن جي چيئرمين ذوالقرنين علي خان ۽ يوٽيلٽي اس??ورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي سان گڏ ميڊيا کي ??ريفنگ ڏئي رهي هئي.