??يا??ڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو اهي ته 2020ع نئين سر تعمير ۽ پاڪستان جي بهتري جو سال هوندو، اهو سال نئين پاڪستان جي نئين رنگ ۽ ڍنگ کي اڳتي وٺي هلڻ جو سال آهي، موجوده حڪومت پنهنجو پهريون سال سڌارن ۾ گذاريو جنهن سبب عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ مشڪلاتن کي به منهن ڏيڻو پيو ڇو ته سڌارن جو عمل تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي، ن??ام کي بدلائڻ جي جدوجهد ۾ ان سڙيل ن??ام سان جڙيل طاقتور طبقن ۽ رڪاوٽن کي هٽائڻ ۾ مشڪلاتون هونديون آهن، گذريل حڪومت معيشت کي ننڍا ننڍا پر نه تمام وڏا زخم ڏنا، قرضن کي ملڪي سطح جي بدترين جڳهه تي ڇڏيو، ڪرپشن جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ وڏي سرجري جي ضرورت هئي، ??يا??ڪوٽ ۾نساءِ انسٽيٽيوٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئون پنهنجو پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿي ته الله تعاليٰ مون کي توهان لاءِ چونڊيو ۽ اه?? ذميداري ڏني ته آئون توهان جي سُڃاڻپ بڻجان ۽ توهان جي حقن جي ڳالهه ڪري سگهان.