اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ حڪومت جي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي ۽ انهن کي مراعتون ڏيڻ، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي، پاڪستان ٺاهيو سرٽيفڪيٽس جي تشهير، عالمي ادار?? جي تعاون سان جاري ترقياتي منصوب?? جي اڳڀرائي جو جائزو، نقصان ۾ ويندڙ بيمار سرڪاري ادارن (سڪ يونٽس) جي بحالي جي لاءِ قدمن جهڙ?? اهم معاملن تي غور ڪيو ويو.