اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي س??ڪا?? تنظيم اجلاس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جا نمائندا اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. پرڏيهي مهمانن جي آجيان لاءِ رنگ برنگي بتين، گل?? ۽ ??يس سي او ملڪن جي جهنڊ?? ۽ ??ينرن شهر جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. ايل اي ڊي ڊسپلي اسڪرينون اسلام آباد جي مرڪزي چؤڪن تي لڳايون ويون آهن. سڄي شهر جي اهم هنڌن کي رنگ برنگي بتين ۽ پاڪستاني جهنڊن سان سجايو ويو آهي. چي?? جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وزيراعظم لي چيانگ هڪ اع??يٰ سطحي وفد سان گڏ سومر ڏينهن گاديءَ واري هنڌ پهتو هو. شنگهائي س??ڪا?? تنظيم جي ٻي اع??يٰ ترين فورم ايس سي او سي ايڇ جي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل ج?? موجوده چيئرمين جي حيثيت سان ڪندو. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ شنگهائي س??ڪا?? تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن ۾ چي?? جو وزيراعظم ۽ اسٽيٽ ڪائونسل لي چيانگ، بيلاروس جو وزيراعظم رومن گولوو چي??ڪو، قزخستان جو وزيراعظم اولز هاس بيڪتا نوف، روس جو وزيراعظم ميخائل ميشوسٽن، تاجڪستان جو وزيراعظم ڪُهر رسول زاده، ازبڪستان جو وزيراعظم عبدالله عاريفوف، ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينه جي چيئرمين ظفروف عقيل بيڪ، ايران جو اول نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جو پرڏيهي وزير سبرامنيم جئه شنڪر شامل آهن. ان کان علاوه منگوليا هڪ مبصر رياست طور تي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن جي نمائندگي وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسرايي ڪري رهيا آهن. ترڪمانستان جي مهمان طور خاص نمائندگي ترڪمن وزيرن جي ڪابينه جي نائب چيئرمين راشد مريدوف ڪري رهيا آهن. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ٻين اهم شخصيتن ۾ ايس سي او جو سيڪريٽري جنرل زانگ منگ، ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ايس سي او ريجنل اينٽي ٽيررسٽ اسٽرڪچر رسلان مرزايوف، بورڊ آف ايس سي او بزنس ڪائونسل جو چيئرمين عاف اڪرام شيخ ۽ ڪائونسل آف ايس سي او انٽر بئنڪ يونين جو چيئرمين مارات يلي بائوف شامل آهن. شنگهائي س??ڪا?? تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي نمائندن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات ۽ سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ جاري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي س??ڪا?? تنظيم جي ميمبر ملڪن جا اڳواڻ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوريءَ لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندا.