اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته عمران نيازي آرمي چي?? جي مقرري جي لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، قانون ۽ آئين تحت آرمي چي?? جي مقرري شهباز شريف جو حق آهي، نواز شريف ڇهه آرمي چي?? مقرر ڪيا، جيڪڏهن عمران نيازي کي مقرري جو ايترو شوق آهي ??ه هو پارليامينٽ ۾ 176 نمبر پورا ڪري اچي، ضمني چونڊن کانپوءِ شهباز شريف وٽ پارليامينٽ جي اندر 176 سيٽون آهن، عمران نيازي 8 سيٽن تي اليڪشن وڙهي پنهنجون 8 سيٽون گهٽ ڪيون آهن. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته فارن فنڊيڊ فتني عمران خان جي ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ کانپوءِ يقين ٿي ويو آهي ??ه هو سياسي ايگزيما ۾ مبتلا آهي، عمران خان ملڪ ۾ انتشار، سياسي عدم استحڪام ۽ افراتفري مچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هو چا?? سال پاڪستان جي عوام تي مڙهيل رهيو جنهن ملڪ جو معآسي قتل ڪيو، ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو پهچايو، ڪشمير جو سودو ڪيو، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جا داستان لکيا. اطلاعات واري وفاقي وزير عمران نيازي اقتدار جي هوس ۽ لالچ ۾ انڌو ٿي ويو آهي. هن چي?? ته ضمني چونڊن ۾ 7 سيٽون پي ٽي آءِ جون هيون جن مان عمران نيازي کي پنهنجي کي ٻن سيٽن تي شڪست ٿي آهي. هن چي?? ته ضمني چونڊن ۾ 8 مان 6 سيٽون کٽڻ جو اهو مطلب نه آهي ته کيس وفاق تي يلغار جو لائيسنس ملي ويو هجي ۽ هو ڌوئنس ڌمڪي سان اليڪشن جو مطالبو ڪري. هن چي?? ته ڪراچي ۽ ملتان جي ضمني چونڊن ۾ عمران نيازي کي شڪست ان جي خلاف ريفرنڊم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ضمني چونڊون ٿي ويون، عمران نيازي 6 سيٽون کٽيون آهن هاڻي هو چوي ته اليڪشن ڪميشن جانبدار آهي، هي چونڊُون شفاف نه آهن. هن چي?? ته عمران نيازي جڏهن اليڪشن کٽي وڃي ته خاموش ۽ هارائي وڃي ته ادارن جي توهين ڪري ٿو، اڄ هو اليڪشن ڪميشن جي توهين ڇو نه ڪري رهيو آهي؟ اڄ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ايڪس وائي زيڊ جو نالو ڇو نه ورتو؟ مريم اورنگزيب چي?? ته عمران نيازي ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو قرض ورتو، ملڪي قرضن کي 45 هزار ارب رپين تائين پهچايو، 75 سالا تاريخ ۾ سمورين حڪومتن ايترو قرض نه ورتو جيترو عمران نيازي پنهنجي چا?? سالن ۾ ورتو. هن چي?? ته عمران نيازي ماڻهن جو ٽيڪس ڊرائيور بڻيل رهيو، پنهنجي دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، جڳهه جڳهه تي ڪشڪول کڻي ويو ۽ ملڪ کي مقروض ڪري ڇڏيو. هن چي?? ته عمران نيازي کي سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاري تي ڳڻتي ٿي رهي آهي پر هن پنهنجي چا?? سالا حڪومت جي دور ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو، ان تي ڇو ڳڻتي نه آهي. ان وقت هن هيومن رائيٽس واچ ۽ عالمي تنظيمن کي خط ڇو نه لکيا؟ عمران نيازي پنهنجي دور ۾ اپوزيشن ليڊر کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو، خواجه آصف، سعد رفيق، سلمان رفيق، شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، حنيف عباسي، حمزه شهباز کي گرفتار ڪيو، ماڻهن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي هٿڪڙيون هنيون، ان وقت هيومن رائيٽس جا فتويٰ ڪٿي هئا؟ هي اڄ انساني حقن جا ڀاشن ڏئي رهيو آهي ته پنهنجي دور ۾ راڻا ثناءُ الله تي 20 ڪلو هيروئن وجهي ڇڏي، جاويد لطيف جي 90 سالا والده کي گرفتار ڪيو، ان وقت هيومن رائيٽس جو سبق ڪٿي هو؟ هن چي?? ته عمران نيازي پاڪ فوج جي خلاف مهم هلائي، پاڪ فوج جي اندر بغاوت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هيليڪاپٽ?? سانحي تي سوشل ميڊيا تي مهم هلائي. هن چي?? ته عمران نيازي کي آرمي چي?? جي مقرري تي تڪليف ٿي رهي آهي. هن چي?? ته نواز شريف پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور ۾ آئين ۽ قانون تحت ڇهه آرمي چي??س جي مقرري ڪئي، جيڪڏهن عمران نيازي کي مقرري ڪرڻ جو ايترو ئي شوق آهي ??ه هو پارليامينٽ ۾ 176 نمبر پورا ڪري ۽ آئيني طريقي سان پنهنجي حڪومت آڻي. هن چي?? ته نواز شريف آئين ۽ قانون تحت حق رکندو هو ته آرمي چي?? جي مقرري ڪري، عمران نيازي جهڙو سازشي ۽ فراڊ ڪنهن قسم جي مقرري جو اهل نه آهي. هن چي?? ته ضمني اليڪشن کانپوءِ اڄ شهباز شريف وٽ پارليامينٽ جي اندر 176 سيٽون آهن. هن چي?? ته عمران نيازي کي حڪومت آڻڻي آهي ته ڇهه سيٽن سان يلغار ڪرڻ سان نه ايندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران نيازي ڪجهه هيرن، ڪجهه ٽڪرا زمين، مقررين ۽ ٽرانسفرز تي ملڪي مفادن جو سودو ڪيو، هو پنهنجي ڀيٽ نواز شريف سان ڪري ٿو ته نواز شريف ملڪ کي موٽروي ڏني جنهن تي اڄ هو سفر ڪري ٿو، نواز شريف ملڪ جي سالميت ۽ بقاءَ تي ڪڏهن ٺاهه نه ڪيو، نوجوانن کي روزگار، سي پيڪ ڏنو، 14 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهي، عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏياريو، ملڪي ترقي کي 6.3 سيڪڙو تي پهچايو، مهانگائي کي 2.6 سيڪڙو تي رکيو جڏهن ته عمران نيازي مني لانڊرر ۽ فراڊ آهي جنهن ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو پر الله جي فضل ۽ ڪرم سان شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو. هن چي?? ته عوام کي سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته ڪير مخلص ۽ خدمت ڪندڙ ۽ ڪير چالباز، فراڊ ۽ ڪوڙو آهي. هن چي?? ته عمران نيازي 10 سالن کان خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ڪري رهيو آهي، هڪ اسپتال يا يونيورسٽي ڏيکاري جيڪا اتي قائم ڪئي هجي، عمران نيازي منصوبن تي تختيون لڳائڻ کانسواءِ ڪو ڪم نه ڪيو، هي ڪوڙ ڳالهائي شهباز شريف سان مقابلو ڪري ٿو ته پنجاب جهڙي هڪ اسپتال ڏيکاري جيڪا خيبرپختونخواهه ۾ ٺاهي هجي يا پنهنجي چا?? سالن ۾ پنجاب ۾ ڪا اهڙي اسپتال ٺاهي هجي. هن چي?? ته عمران نيازي کي ٽي سئو ڊيم ٺاهڻا هئا جڏهن ته نواز شريف اسڪول، يونيورسٽيون، رستا ٺاهيا، پبلڪ ٽرانسپورٽ، بيڪس هيلٿ يونٽس ۽ بجلي گهر عوام کي ڏئي ويو، اڄ به عوام ان مان فائدو کڻي رهي آهي. هن چي?? ته عمران نيازي چئي رهيو آهي ??ه هن آرمي چي?? جي خلاف ڪهڙي ڳالهه ڪئي، عمران نيازي آرمي چي?? جي خلاف ڪوڙ ڳالهايو، پنهنجي چي??ن سان آرمي جي اندر بغاوت جا اعلان ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، شهيدن جي خلاف مهم هلايون. هن چي?? ته عمران نيازي چا?? سالن تائين حڪومت ۾ هو، هن ادارن کي يرغمال بڻايو ۽ بليڪ ميل ڪيو، طيبه گل کي وزيراعظم هائوس ۾ بند ڪيو، وزيراعظم هائوس کي پنهنجي گندي سياست جي لاءِ استعمال ڪيو. هن چي?? ته عمران نيازي عمران رياض جو حوالو ڏي ٿو جيڪو هڪ صح??في نه پر پي ٽي آءِ جو ڪارڪن آهي، عمران نيازي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ ڇڏي ڏي. هن چي?? ??ه هڪ شخص جي ڪري عمران نيازي صح??فت کي تباهه ۽ برباد نه ڪري. هن چي?? ته عمران نيازي پنهنجي دور ۾ عرفان صديقي کي رات جي اونداهي ۾ ڌڪا ڏئي گرفتار ڪرايو، ان جي اندر ايتري اخلاقي جرئت نه هئي جو جڏهن عرفان صديقي جي ضمانت ٿي ته کيس جيل جي پوئين دروازي مان آزاد ڪيو. هن چي?? ته عمران نيازي پنهنجي دور ۾ طلعت حسين، مرتضيٰ سولنگي جا پروگرام بند ڪيا، ابصار عالم جي پيٽ ۾ گوليون هنيون، محسن بيگ جي نڪ جي هڏي ٽوڙي، عاصمه شيرازي، غريده فاروقي، عنبر شمسي، نصرت جاويد، حامد مير، نجم سيٺي جي خلاف ڪارروايون ڪيون، مير شڪيل الرحمان کي گرفتار ڪري ميڊيا کي سڀ کان وڏو پيغام ڏنو ويو، مطيع الله جان کي سندس ٻارڙي جي اسڪول جي ٻاهران اغوا ڪيو ويو. هن چي?? ته عمران نيازي کي هيومن رائيٽس واچ ۽ عالمي تنظيمن پريڊيٽر چي??. هن پنهنجي دور ۾ ڀينرن ۽ ڌيئرن کي هٿڪڙيون هنيون، فريال ٽالپر کي عيد جي رات گرفتار ڪيو، مريم نواز شريف کي والد جي آڏو هٿڪڙيون هنيون. هن چي?? ته عمران نيازي جي نظر ۾ ٻين جي ڌيئرن جي ڪا عزت نه آهي. هن چي?? ته جڏهن هيومن رائيٽس وارن کي اهي خط لکندو ته انهن سوالن جا جواب به ان کي ڏيڻا پوندا، اهي سڀ ان جا اعم??ل آهن جن تان نظرون هٽائي نه ٿيون سگهجن. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته سعد رفيق جي ڪيس ۾ عدالت لکيو ته انساني حقن جي خلاف ورزي ٿي آهي ۽ نيب کي پوليٽيڪل انجنيئرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. هن چي?? ته آرمي چي?? جي مقرري قانون موجب وزيراعظم شهباز شريف کي ڪرڻي آهي جنهن جو قانون جي اندر طريقيڪار آهي. هن چي?? ته عمران نيازي اقتدار جي هوس ۾ مبتلا شخص آهي جنهن ملڪي مفادن سان راند کيڏي ۽ هاڻي سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري ملڪ جي اندر انارڪي ڦهلائڻ چاهي ٿو. هن چي?? ته عمران نيازي کي ايتري تڪليف آهي ??ه هو پارليامينٽ ۾ 176 ووٽ کڻي اچي. هن چي?? ته تازي ضمني چونڊن کانپوءِ حڪومت پارليامينٽ ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي، هن وقت شهباز شريف وٽ 176 ووٽ آهن. هن چي?? ته عمران نيازي هڪ فراڊ ۽ ڍونگ آهي جيڪو رڳو ڪوڙ ڳالهائي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ضمني اليڪشن ۾ عمران خان جو مقصد جمهوريت يا پارليامينٽ نه هو پر هو ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ چاهيندو هو. هن چي?? ته ضمني چونڊن ۾ ملتان ۽ ڪراچي جي ماڻهن عمران خان جي خلاف ريفرنڊم ڏنو آهي. عمران نيازي ان ضمني چونڊن ۾ 8 سيٽون پارليامينٽ ۾ گهٽ ڪيون آهن، ان ۾ اناءَ ۽ تڪبر آهي، هي پنهنجي نڪ کان اڳتي نه ٿو ڏسي سگهي، ان ۾ ايترو حوصلو نه آهي ??ه هو پارٽي ۾ ڪنهن ٻئي کي ٽڪي ڏئي سگهي. هن چي?? ته عمران نيازي رڳو انهي صورت ۾ ڳالهين جو مطالبو ڪري سگهي ٿو جڏهن ان وٽ پارليامينٽ ۾ 176 سيٽن جي اڪثريت هجي. هن سوال ڪيو ته ڇا ايندڙ عام چونڊن ۾ عمران نيازي سڀني سيٽن تي پاڻ ئي اليڪشن وڙهندو، عمران نيازي حوصلو رکي ۽ پنهنجي پارٽي جي ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏي. هن چي?? ته عمران نيازي کي جيڪڏهن اليڪشن ڪرائڻي هجي ??ه هي 8 مارچ تي ڪرائي ها، هاڻي اليڪشن موجوده حڪومت جي فيصلي ۽ آئين تحت ٿيندي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران نيازي پاڻ چئي رهيو آهي ??ه هو بيڪ ڊور ڳالهيون ڪري رهيو آهي ان ۾ ايتري جرئت نه آهي ??ه هو عوام آڏو ڳالهين جي ڳالهه ڪري سگهي، هِن جون ڳالهيون صرف اهي آهن ته منهنجي ڪرسيءَ مون کي واپس ڪريو، ان کانسواءِ ڪي ڳالهيون نه آهن. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته آرمي چي?? جي مقرري جي حوالي سان قانون جي اندر طريقيڪار موجود آهي، اهو وزيراعظم جو استحقاق آهي پر ان حوالي سان عمران نيازي کي تڪليف ٿي رهي آهي. اڄ عمران نيازي چي?? ته بلاول ڀٽو ملڪ کان ٻاهر آهي ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ آهي جڏهن ته عمران نيازي هڪ ڏينهن ٻوڏ سٽيلن جي دادرسيءَ جي لاءِ نه ويو. هن چي?? ته شهباز شريف ٽانڪ، خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هڪ سئو گهر ٺهرائي رهيو آهي، ماڻهن کي ريليف ڏئي رهيو آهي جڏهن ته ٻئي طرف عمران نيازي ٻوڏ سٽيلن جي پئسي سان هيليڪاپٽر هلائي رهيو آهي. هي اقتدار جي هوس ۾ ان حد تائين هيٺ ڪري چڪو آهي. هن چي?? ته اقتدار جي لاءِ 176 نمبر گهرجن، عمران نيازي 176 نمبر کڻي اچي، ٻي صورت ۾ هو روڄ راڙو ڪري، رڙيُون ڪري، پٽي، پارليامينٽ ۾ شهباز شريف وٽ هِنن ضمني چونڊن کانپوءِ 176 ووٽ ٿي چڪا آهن.