اسلام آ??اد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت اليڪٽرڪ وهيڪل جي انگ ۾ اضافي ۽ ان جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ وسيع پئماني تي انفراسٽرڪچر جي تعمير جي ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪندي پاڪس??ان ترقي يافته ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي تبديلين جي اثرن جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهي، تازو ئي ملڪ ۾ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي منظوري ڏ??ي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ اليڪٽرڪ بسز جي شموليت، اليڪٽرڪ وهيڪل جي صنعت ۽ معاون انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ تجديد جي قابل جي توانائي جي ذريعن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ اليڪٽرڪ بسز جي شموليت جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي سڄي دنيا ۾ موجود اليڪٽرڪ بسز ۽ گاڏين جي صنعت ۽ پاڪست??ن ۾ ان صنعت جي تعمير جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪس??ان ترقي يافته ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي تبديلين جي اثرن جو خميازو ڀوڳي رهيو آهي. حڪومت موسمياتي تبديلين ۾ ڪارگر عنصرن کي روڪڻ کي پنهنجي اولين ترجيح ۾ شامل ڪري رهي آهي، حڪومت اليڪٽرڪ وهيڪل جي انگ ۾ اضافي ۽ ان جي لاءِ سڄي ملڪ ۾و سيع پئماني تي انفراسٽرڪچر جي ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪندي. هن چيو ته مون تازو ئي ملڪ م 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي منظوري ڏ??ي آهي، حڪومت پاڪس??ان کي توانائي جي شعبي ۾ پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ قابل تجديد توانائي ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي، منصوبي سان نه رڳو ماحولياتي آلودگي ??هٽ ٿيندي، ??هٽ اگهن تي بجلي جي پيداوار ممڪن ٿيندي پر مهانگي ٻارڻ جي درآمد ??هٽ ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻي کي بچائي سگهبو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پاڪست??ن ۾ اليڪٽرڪ بسز ۽ گاڏين جي لاءِ صنعت ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير سان نه رڳو پاڪس??ان جي درآمدي بل ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ايندي پر ان صنعت جي تعمير سان ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم اجلاس دوران لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان ٺوس پلان جلد پيش ڪرڻ ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، پاور منسٽري ۽ سيڙپڪاري بورڊ کي ان شعبي ۾ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.