اسلام آباد -10 آڪٽوبر (اي پي پي) منشيات جي روڪٿام بابت وفاقي وزير شاهزين بگٽي چيو آهي، ته ٻوڏ کان پوءِ سڀ کان وڏو چئلينج متاثرن کي موذي مرض کان بچائڻ آهي، ??ڪو??ت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سڀئي گهربل وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، صحت جي عالمي ادار?? طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ دوائن جي فراهمي تعريف جوڳي آهي، سهڪار تي عالمي برادري ۽ صحت جي عالمي اداري جا شڪر گذار آهيون. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن صحت جي عالمي اداري جي اسلام آباد ۾ واقع ڪن??ري آفيس ۾ ڊبليو ايڇ او طرفان ٻوڏ سٽيلن لاءِ امدادي سامان جي پاڪستاني عملدارن کي حوالگي لاءِ منعقد تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ صحت جي عالمي ادار?? طرفان ضروري دوائون پاڪستان حوالي ڪيون ويون.