راولپنڊي – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ 75 هون د??اع جو ڏهاڙو گڏيل جوش ۽ جذبي ۽ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو، سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ تقريري مقابلن، ملي نغمن ۽ ٽيبلوز ذريعي 1965ع جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو، ان موقعي تي سيمينارز ۽ ڪانفرنسز پڻ منعقد ڪيون وينديون، 6 سيپٽمبر تي د??اع جي ڏهاڙي طور تي ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته نئين نسل کي باور ڪرائي سگهجي ته ڀارت 1965ع ۾ ??ات جي اونداهي ۾ ڪهڙي طرح بزدلاڻي ڪارروائي ڪندي پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو هو ۽ اسان جي بهادر هٿياربند ف??ج ڀارت کي سخت جواب ڏئي نه رڳو ملڪ جو د??اع ڪيو پر ڀارت کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. پهرين سيپٽمبر 1965ع تي جڏهن اها اطلاع ملي ته ڀارتي فوج ڪشمير ۾ پاڪستاني فوج کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو بڻايو آهي ته پاڪ فضائيه هوائن ۽ ف??ائن ۾ پنهنجي حڪمراني ۽ عملداري قائم رکي، پاڪ فضائيه جي شاهينن جي جارحاڻي انداز ملڪ جي فضائي حدن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو.