اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم گذريل سالن دوران ٻطرفن لاڳاپن ۾ٿيندڙ مستحڪم اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت سميت ڪڻڪ جي پيداوار، چوپائي مال سميت لائيو اسٽاڪ، تعليمي ۽ تڪنيڪي تعاون، ??ڌوسنئون مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ??وا??ش ۽ عزم کي ورجايو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??وا??ش جو اظهار ڪيو ۽ افغانستان مان پنهنجي شهرين ۽ ٻين ماڻهن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان جي بطور سهولتڪار ڪرار تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان تعاون تي روشني وڌي جيڪو پاڪستان افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ خاص طور تي گذريل سال آگسٽ کان عالمي برادري ??ان جاري ??کيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت سان برابري، انصاف ۽ گڏيل احتر??م جي اصولن تي ٻڌل پرامن لاڳاپن جو ??وا??شمند اهي. ان ڏس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري ??و??م جي ??وا??شن موجب منصفاڻو ۽ پرامن حل لازمي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري کي ان سلسلي ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته اهو ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪ??م جي لاءِ ضروري ??هي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ آسٽريليا ۽ پاڪستان جي وچ م موجود لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.