پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وقتي گورنر مشتاق احمد غني ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ??هي ته اسان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي ??خل??قي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، وال??ري?? ڪشمير ۾ صدين کان جاري ڀارتي ظلمن جي ڪري ڪشميري عوام تي هر لمحو ڀاري آهي پر 5 آ??سٽ 2019ع تي مودي حڪومت وال??ري?? ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري نه رڳو وال??ري?? ڪشمير جو بي رحماڻو استحصال ڪيو پر مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. اڄ خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ جي عوام 5 آ??سٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائي دنيا کي باور ڪرائي رهي آهي ته پاڪستاني قوم سدائين وانگر مظلوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر محاذ تي ڪشميري عوام جي ??خل??قي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. مشتاق احمد غني جو چوڻ هو ته اڄ جي ڏينهن عا??مي برادري کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته 5 آ??سٽ تي ڀارتي حڪومت جو وال??ري?? ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ، بدترين ڪرفيو ۽ ڀارتي فوج جو گهيراءُ ڀارت جي مڪروهه ارادن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي جيڪو خطي جي امن لاءِ تمام وڏو خطرو آهي، عا??مي برادري کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح ڀارت وال??ري?? ڪشمير بابت گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪري رهيو ??هي ۽ ڪشميري عوام تي هر گذرندڙ ڏينهن سان ظلمن ۾ اضافو ڪندو پيو وڃي جيڪو عا??مي انساني حقن جي ادارن جي لاءِ هڪ سخت امتحان ۽ فڪر جو لمحو به آهي.