ڪوئيٽا – 02 – آگسٽ (اي پي پي) قبائلي اڳواڻ مير منظور احمد پلا?? چيو آهي ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير ??ان آزادي جو حق کسي انهن جو استحصال ڪيو ويو، 5 آگسٽ تي سڄي پاڪستان ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن ۾ ڀارتي حڪومت جي غيرقانوني عمل جي ڀرپور مذ??ت ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت انساني حقن ۽ عا??مي قانونن جي خلاف ورزي ڪندو آيو آهي، ٽي سال اڳ به ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪندي ڪشميرين جي آزادي کي لتاڙيندي انهن کي انهن جي آئيني ۽ قانوني حق ??ان محروم ڪيو، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ جو دور شروع ڪيو اسان ان جي ڀرپور مذ??ت ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان بطور پاڪستاني ڪشميرين جو هر فورم تي ساٿ ڏينداسين ۽ ڪشمير جي آزادي جو آواز اٿاريندا رهنداسين. هن ان عزم جو اظهار ڪندي چيو ته انشاءَ الله هڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن ڪشمير آزاد ٿيندو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو دور ختم ٿيندو.