اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي ??ها??ت تي گه??ي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آرمي چيف سان ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، 12 ڪور جي برگيڊيئر محمد خالد، پائليٽ ميجر سعيد احمد ۽ مددگار پائليٽ ميجر محمد طلحيٰ منان ۽ نائيڪ مدثر فياض جي ??ها??ت تي گه??ي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انهن جي بلند درجن جي دعا ڪئي ۽ انهن جي گه??وارن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ شهيدن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چي?? ته قوم جا فرض شناس فرزند بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب امدادي ڪمن ۾ مشغول هئا ۽ انهن پنهنجي خدمتن جي ادائيگي ۽ قوم جي خدمتن لاءِ انتهائي دل ۽ جان، محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندي ??ها??ت ماڻي. هن چي?? ته بي لوث خدمت جي جذبي سان سرشار اهي سپوت قوم جا محسن آهن. هن آرمي چيف پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران گوادر جي اڳوڻي دوري دوران ڪور ڪمانڊر جنرل سرفراز علي سان ملاقات ۽ ان پاران ڏنل بريفنگ جو پڻ ذڪر ڪيو. صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چي?? ته ان بريفنگ دوران مون کيس انتهائي قابل، ذهين ۽ فرض شناس آفيسر طور ڏٺو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه صدر کي ٻڌاي?? ته امدادي سرگرمين دوران خراب موسم جي ڪري حد نگاهه گهٽ ٿي، جنهن جي ڪري هيليڪاپٽر حادثو پيش آيو. آرمي چيف وڌيڪ چي?? ته هيليڪاپٽر جو ملبو حاصل ڪيو ويو آهي ۽ سڀئي فوجي آفيسر ??ها??ت ماڻي چڪا آهن. صدر ٽيليفون تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان خواهش جو اظهار ڪي?? ته هو انهن شهيدن جي جنازي ۾ پاڻ شرڪت ڪندو ۽ خاص طور تي انهن جي گه??وارن ۽ پونئيرن سان به تعزيت جو اظهار ڪيو.