اسلام آباد – 17 –; جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب روزاني جنگ سان لاڳاپيل سينئر صحافي برادر علي حمزه خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته برادر علي حمزه خان جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، مرحوم جي صحافت جي شعبي ۾ خدمتن ??ي سدائين ياد رکيو ويندو هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم برادر علي حمزه خان کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوئينرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو ??وصلو ڏي.