اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته وزيراعظم اڄ بزنس ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي معاشي تر??ي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ويزن ڪاروباري برادري آڏو پيش ڪندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. بزنس ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان ڪاروباري برادري شرڪت ڪري رهي آهي. وزيراعظم ڪاروباري برادري سان ??جي?? تي اهم مشاورت پڻ ڪندو. هن ??يو ته زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري شخصيتون ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن. هن ??يو ته وزيراعظم ڪانفرنس ۾ ميثاق معيشت جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وزيراعظم ڪاروباري شخصيتن کان تجويزون وٺندو ۽ پنهنجي حڪومت جي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو. هن ??يو ته وزيراعظم ڪانفرنس ۾ ملڪ کي درپيش معاشي مسئلن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ ??جي?? تجويزون پڻ حاصل ڪندو. هن ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌي ويجهي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر طبقو ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم اهڙو پاڪستان ٺاهڻ چاهي ٿو جتي شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر هجن، زندگي جي تلخين کان ڇو??ڪارو ملي ۽ انهن کي هڪ بهتر زندگي ملي.