اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف خميس ڏينهن حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو، اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته سڄي پا??ستاني قوم ڀارت پاران ياسين ملڪ جي سزا جي پرزور مذمت ڪري ٿي ۽ ان سزا جي خلاف سراپا احتجاج آهي، مشعال ملڪ ۽ سندس فيملي سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پا??ستان جي پارليامينٽ پاران ياسين ملڪ جي سزا جي خلاف متفقه طور تي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وڃي، مذمتي قرارداد ۾ ڀارتي عدالت جي فيصلي کي متعصباڻو ۽ انصاف جي گهرجن جي منافي قرار ڏنو ويو آهي، پارليامنيٽ ۽ عوام سدائين ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، ڀارتي عدالت جو هڪ طرفو فيصلو ياسين ملڪ ۽ ڪشميري عوام جي حريت واري جذبي کي دٻائي نٿو سگهي، راجا پرويز اشرف چيو ته ياسين ملڪ جي خلاف عدالتي فيصلي ڀارت جي نام نهاد عدالتي نظام کي بي نقاب ڪ??ي ڇڏيو آهي، ياسين ملڪ قيد جون صعوبتون برداشت ڪري حق ۽ سچ جي جهنڊي کي بلند ڪيو آهي، ڪشمير جي مسئلي تي سڀئي سياسي پارٽين هڪ موقف رکن ٿيون ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق جي حمايت ڪريون ٿا. هن ميڊيا تي زور ڏنو ته ڪشمير جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پا??ستان جي پارليامينٽ پاران ڪشمير جي مسئلي کي عالمي فورمز تي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، پا??ستاني ۽ ڪشميري عوام ۾ رت جو رشتو آهي ۽ سڄي قوم جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، جهڙي طرح هر رات کانپوءِ صبح ٿيندو آهي، اهڙي طرح والاريل ڪشمير وادي ۾ به آزادي جو سج جلد اڀرندو، مشعال ملڪ اسپيڪر راجا پرويز اشرف جو دورو ادا ڪندي چيو ته ڀارت جي نام نهاد عدالت پاران انصاف جي نظام جو گلو دٻايو ويو آهي، مودي حڪومت گانڌي جي سيڪيولر ڀارت جي نظريي کي دفن ڪ??ي ڇڏيو آهي ۽ ڀارت ۾ ڪا به اقليت محفوظ نه آهي، نيسلن منڊيلا جي فيملي کي ان سان ملڻ جي اجازت هئي پر مون کي ۽ منهنجي ڌيءَ کي اهو حق حاصل نه آهي، هن چيو ته آئون اميد ڪريان ٿي ته پا??ستان جي پارليامينٽ ياسين ملڪ جي سزا خلاف يڪجهتي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائيندي، منهنجي ۽ منهنجي ڌيءَ جي خلاف به ڀارت ۾ ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.