اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چين پاڪستان مثالي دوستي جي اهميت ت?? زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت چيني ڪمپني پا??ان بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ جوائنٽ وينچر تحت سيڙپڪاري جي آڇ جي آجيان ڪري ٿي، ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، صحت واري وزير ان باري ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ته جيئن م??صو??ي تي جلد ڪم شروع ٿي سگهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان چيني ڪمپني سينوويڪ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪيانگ گواو جنرل مينيجر سينوويڪ، ڊائريڪٽر انٽرنيشنل بزنس ڪيون زينگ، صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، ايگزي??يٽ?? ڊائريڪٽر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ميجر جنرل پروفيسر عامر اڪرام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪووڊ – 19 ويڪسينيشن مهم دوران سينوويڪ پا??ان پاڪستان کي فراهم ڪيل ويڪسين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، ان کانسواءِ سينوويڪ پا??ان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ هڪ جوائنٽ وينچر بڻائن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم چين پاڪستان مثالي دوستي جي اهميت ت?? زور ڏيندي چيو ته حڪومت چيني ڪمپني پا??ان سيڙپڪاري جي ان آڇ جي آجيان ڪري ٿي ۽ ان حوالي سان هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم صحت واري وفاقي وزير ??ي ان حوالي سان فوري طور تي هڪ ٽاسڪ فورس بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سينوويڪ ڪمپني جلد ان م??صو??ي تي ڪم شروع ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سڌو سنئون ٻاهرين سيڙپڪاري وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان ڪووڊ- 19 جي دوران چيني تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.