اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قوم تي زور ڏنو آهي ته هاڻي ڪم تي ڌيان ڏنو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته عوام عيد جون موڪلون پنهنجي گهرڀاتين سان سٺي طريقي سان گذ??ري??ن ۽ آرام به ڪري ورتو، هاڻي اسان کي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. عيد جي چئن موڪلن کانپوءِ جمعي ڏينهن آفيسون کلي ويون ۽ ڪاروبار زندگي به بحال ٿي ويو. وزيراعظم شهباز شريف جيڪو هڪ بهترين منتظر ۽ ڪم کي تيزي سان سرانجام ڏيڻ ۽ پڄاڻي تائين پهچائڻ جي شهرت رکندڙ آهي، قوم کان به اميد رکون ٿا ته اها ان جي پيروي ڪندي ملڪي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ محنت، لڳاءُ ۽ جانفشاني س??ن ڪم ڪري. وزيراعظم جنهن عيد جون موڪلون لاهور ۾ گذ??ري??ن، جمعي ڏينهن صبح سوير اسلام آباد پهچي ويو ۽ پنهنجي آفيس ۾ پنهنجي فرضن جي ادائيگي شروع ڪري ڇڏي. ٻئي طرف وزيراعظم ??نهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ لاهور ميٽرو مان فائدو کڻندڙ عام ماڻهن جي ڪهاڻي جي عڪاسي ڪندڙ فيضا?? احمد جي ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته فيضا?? احمد لاهور ميٽرو سان عام ماڻهو کي ملندڙ سفري سهولت کي بهترين طريقي سان اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ان عڪاسي کان تمام گ??ڻو متاثر ٿيو آهي.