اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي ا??پيڪر جي رولنگ کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجز بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته 3 اپريل 2022ع تي ڏنل ڊپٽي ا??پيڪر قاسم سوري جي رولنگ آئين جي منافي آهي، قومي اسيمبلي ٽوڙڻ به قانون جي خلاف هو، قومي اسيمبلي جو ??جل??س اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ غير آئيني هو، قومي اسيمبلي 3 اپريل 2022ع جي پوزيشن تي بحال ڪئي وڃي ٿي، نگران حڪومت جي قيام لاءِ ڏنل سمورا حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ٻيهر اليڪشن جي حوالي سان صدر جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته وزيراعظ?? اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي اهل نه هو، وزيراعظم، صدر کي ايڊوائيز نٿو ڏئي سگهي، وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا عهدن تي بحال ٿي چڪا آهن، اسپيڪر قومي اسيمبلي جو 9 اپريل ڇنڇر تي ساڍا 10 وڳي ا??لاس گهرائي، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي ا??تمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي، حڪومت ڪنهن ميمبر جي ا??لاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، ڪنهن به قومي اسيمبلي ميمبر کي ووٽ وجهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، تنهن هوندي به پارٽي کان باغين تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو. سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس اڪلائيندي قرار ڏنو آهي ته اسپيڪر ڇنڇر تي قومي اسيمبلي جو ??جل??س گهرائي، بي ا??تمادي رٿ ڪامياب ٿئي ته فوري نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪئي وڃي، لکت وارو حڪم نامي بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.