اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين روزاني نئي بات جي گروپ ايڊيٽر عطاءُ الرحمان جي لاڏاڻي تي گه??ي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عطاءُ الرحمان ٻن ڏهاڪن کان قومي اخبارن ۾ ”تجزيه“ جي عنوان سان پنهنجي ڪ??لم ذريعي پڙهندڙن جي دلين تي راڄ ڪندو رهيو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم نئي بات جي ايڊيٽر طور پڻ پنهنجون صحافتي ذميواريون بهتر طريقي سان ادا ڪيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.