بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ?? خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وزيراعظم جي دوري کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته چين جي دوري دوران اسان جون چيني سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن جيڪي پاڪستان ۾ مخ??لف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم پاڻ انهن جي سڌوسنئون ڳا??هه ٻڌي رهيو آهي ۽ جيڪي نقطا اهي اٿاري رهيا آهن انهن جو جواب ۽ سمورين وزارتن کي ان حوالي سان عملدرآمد جي لاءِ حڪم پڻ جاري ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيني وزيراعظم لي سان ملاقات پڻ ڪري رهيو آه?? ۽ ??اڪستان جن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ درخواست ڪري رهيو آهي انهن تي به غور ٿيندو. چيني صدر شي ??ن پنگ سان آچر ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان اهي ئي نقطا اٿاريندو. اميد آهي ته هن دوري کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو.