اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته هنگامي صورتحال ۽ انساني المي?? کان بچڻ لاءِ پاڪستان افغان عوام جي لاءِ هر ممڪ?? مدد فراهم ڪندو، افغانستان جي ضرورت وقت اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه هوندو، حڪومت پاڪستان افغان عوام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي امداد مختص ڪئي آهي، پاڪستان جي رستي افغان عو??م کي امداد ڏيندڙ عالمي ادارن کي سهولت فراهم ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن افغانستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، شيخ رشيد احمد، اسد عمر، صلاحڪارن شوڪت ترين ۽ عبدالرزاق دائود، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هنگامي صورتحال ۽ انساني المي?? کان بچڻ خاطر پاڪستان افغان عوام لاءِ هر ممڪ?? مدد فراهم ڪندو، افغانستان کي ضرورت جي وقت اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه هوندو. حڪومت پاڪستان افغان عوام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي امداد مختص ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي رستي افغان عو??م کي امداد ڏيڻ وارن عالمي ادارن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايپڪس ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ هنگامي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان آچر تي او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي خصوصي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ان خصوصي اجلاس ۾ افغان عوام جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪيو ويندو ۽ انهن جي مدد جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.