اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) افعانست??ن جي صورتحال تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين اجلاس کي خطاب ڪندي عالمي اڳواڻن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ علائقائي ۽ عالمي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان پاران ان ڪانفرنس جي ميزباني جي آجيان ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته افغانستان ۾ معاشي صورتحال تمام خراب آهي، افغانست??ن جي عوام اس??ن جي مدد جي منتظر آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪست??ن جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ابراهيم حسين طحيٰ خطاب ڪندي سعودي عرب جي تجويز ۽ پاڪست??ن جي ميزباني ۾ افغانست??ن جي مسئلي تي اجلاس طلب ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته او آءِ سي جا اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ بهترين انتظام ساراهه جوڳا آهن. هي اجلاس گهرائڻ پاڪست??ن جو افغان بحر??ن جي حل جي عزم جو ورجاءُ آهي. هن چيو ته اسان افغانست??ن جي تيزي سان بدلجندڙ صورتحال تي نظر رکي آهي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ علائقائي تعاون جي ضرورت آهي، سمورا ميمبر ملڪ پنهنجون صلاحيتون امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ وقف ڪن، او آءِ سي سدائين افغان مسئلي تي مضبوط موقف اختيار ڪيو آهي، افغانستان ۾ امن خطي جي لاءِ اهم ضرورت آهي، هي اجلاس افغانست??ن جي مدد جي لاءِ ڪامياب ثابت ٿيندو. افغانست??ن جي لاءِ انساني امداد جي جيتري اڄ ضرورت آهي اڳ ۾ ئي نه هئي. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود چيو ته او آءِ سي اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ بهترين انتظامن تي پاڪستان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ايتري گهٽ عرصي ۾ اجلاس منعقد ڪيو، او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي هن اهم ترين اجلاس کي منعقد ڪرڻ تي پاڪست??ن جا ٿورائتا آهيون، اجلاس ۾ شرڪت تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ميمبرن جو ٿورائتو آهيان. سعودي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ عورتن ٻارن سميت عوام مشڪلات جو شڪار آهي، افغانستان ۾ معاشي صورتحال تمام خراب آهي، افغانست??ن جي عوام اس??ن جي مدد جي منتظر آهي، سعودي عرب افغانست??ن جي مسئلن کي سمجهي ٿو. هن چيو ته افغانست??ن جي معاملي کي انساني بنيادن تي ڏسڻو پوندو. اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، افغانستان ۾ مالي بحران شديد ٿي ويو آهي. هن اپيل ڪئي ته عالمي ادارا افغان عوام جي مدد ڪن. ايشيا گروپ آف او آءِ سي ميمبر ملڪن پاران ترڪيءَ جي پرڏيهي وزير ميولود چاوش اولو ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسان افغانست??ن جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جيڪا هن وقت مشڪل حالتن ۾ ورتل آهي. هن چيو ته افغانست??ن جي 23 ملين عوام کي بک درپيش آهي. ترڪ پرڏيهي وزير افغانستان ۾ انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستان، او آءِ سي ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي ڪوششن ۽ ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته افغانست??ن جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قدم لازمي آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته او آءِ سي کي يو اين ايڇ سي آر ۽ ٻين عالمي ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانستان ۾ انساني همدردي تحت امداد جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته افغانست??ن جي موجوده صورتحال ۾ طالبان سان گڏجي به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن افغانست??ن جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان، ازبڪستان، انڊونيشيا ۽ ٻين ايشيائي ملڪن جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو مقصد پاڪست??ن جي انهن ڪوششن جو حصو آهي جنهن جو مقصد افغانست??ن جي موجوده صورتحال طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ آهي ته جيئن ڊگهي جنگ ۽ گهرو ويڙهه کان متاثر ملڪ کي ڪنهن به انساني بحران کي روڪي سگهجي. اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جو بنيادي مقصد مسلمان امت پاران افغانست??ن جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي جڏهن ته انهن کي انساني بنيادن تي افغانستان کي امداد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻڻا آهن. هن ڪانفرنس کي منعقد ڪرڻ سان دنيا کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته افغانست??ن جي موجوده صورتحال رڳو هڪ انساني الميي کي جنم نه ٿي ڏئي سگهي پر ??ن جي نتيجي ۾ خطي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي سنگين خطرا ٿي سگهن ٿا. ريجنل عرب گروپ پاران اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي خطاب ڪندي چيو ته او آءِ سي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، افغانست??ن جي عوام خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهي، افغانستان ه?? وقت انساني بحر??ن جي ويجهو آهي، افغان عوام جي سلامتي جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته افغانست??ن جي ترقي جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، افغان بحران خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿو، افغانستان ۾ بحران مسلمان امت جي لاءِ چئلينج آهي. اردن افغانست??ن جي مدد جي لاءِ تيار آهي، افغانست??ن جي مدد جي لاءِ قدم ضروري آهن. او آءِ سي ڌرين جي گروپ پاران نائجير جي پرڏيهي وزير يوسف محمد خطاب ڪندي چيو ته افغانست??ن جي مسئلي تي اڄ جو غيرمعمولي اجلاس خوش آئنده آهي، اجلاس گهرائڻ تي پاڪست??ن جا ٿورا مڃون ٿا، افغانست??ن جي عوام جي هر ممڪن مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغان ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، افغانست??ن جي بدلجندڙ صورتحال تي نظر رکيل آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد سلمان الجاسر خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان افغان ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏ ٿيا آهيون، افغانستان کي اڄ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته اس??ن جي پهرين ترجيح خوراڪ ۽ تعليم جي لاءِ امداد فراهم ڪرڻ آهي، نئين سر تعمير ذريعي افغانستان کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، افغانست??ن جي ڳوٺاڻن علائقن کي زرعي شعبي جي لاءِ سهولتون ڏينداسين، ڪو به اڪيلو ملڪ افغانست??ن جو مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مائيڪل گرفٿ خطاب ڪندي چيو ته لکين ٻار افغانستان ۾ تعليم کان محروم آهن، افغانستان ۾ استاد پگهارن کان محروم آهن. هن چيو ته افغانستان ۾ بئنڪنگ جي نظام کي بحال ڪرڻو پوندو، افغانست??ن جي معيشت بحر??ن جو شڪار آهي، افغانست??ن جي مسئلي جي حل لاءِ سڀ گڏ ٿيا آهيون، گڏيل قومون افغان مسئلي تي او آءِ سي جي ڪوششن جو ساٿ ڏيندي.