راولپنڊي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پا?? فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سان آمريڪي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي ڊائريڪٽ?? وليم جوزف برنز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پا?? فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات ۾ ان ڳالهه جو عزم ڪيو ويو ته پا??ست??ن پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان خطي ۾ امن ۽ افغان عوام جي مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. آمريڪي عهديدار ان موقعي تي افغانستان جي صورتحال بشمول ڪامياب پرڏيهين جي واپسيءَ وارو آپريشن ۽ علائقائي استحڪام جي ڪوششن ۾ پا??ستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن هر سطح تي پا??ستان سان سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.