اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتر?? آڻڻ جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ وزيرا??ظم جي هدايت تي سٽيزن پورٽل تي صحت انصاف ڪارڊ جي نالي سان خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وزيرا??ظم آفيس پاران جاري تفصيل موجب صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتر?? آڻڻ جي لاءِ وزيرا??ظم عمران خان جي هدايت تي وزيرا??ظم ڊيليوري يون?? هدايتنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپتالن ۾ علاج کان انڪار، سهو??تن جي کوٽ، عملي جي رويي بابت سڌوسنئون شڪايتون پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ڪري سگهبيون. علاج تي ايندڙ خرچ جي عدم معلومات، علاج ۾ دير ۽ غلط علاج تي پڻ شهري شڪايت ڪري سگهندا. وزيرا??ظم آفيس موجب صحت انصاف ڪارڊ جي پينل ۾ شامل اسپتالن جي مسئلن تي پڻ شڪايتون داخل ڪرائي سگهبيون. شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ اسٽيٽ لائيف جي اعليٰ آفيسرن کي خصوصي ڊيش بورڊ پڻ الاٽ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ لائيف جو چيئرمين شهرين جي شڪايتن جي فوري حل کي يقيني بڻائيندو.