اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جي شڪايتن جو واحد حل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون ??هن، حڪومت ان سلسلي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، مخالف ڌر کان تجويزون گهريون پر انهن نه ڏنيون، آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت تحت عام چونڊون ٿيو??، اتي اليڪشن ڪميشن جو هڪ ميمبر وزيراعظم جو هم زلف آهي، ڌانڌلي جا الزام سمجهه کان مٿي آهن. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ آزاد ڪشمير جي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ غيرجانبدار امپائر نه هجڻ جي ڪري شڪست تسليم نه ڪئي ويندي هئي، اسان غيرجانبدار امپائر جي لاءِ مهم هلائي، 1986ع ۾ پهريون ڀيرو اسان غيرجانبدار امپائر آندا، هاڻي ڪير هارائڻ تي الزام نه ٿو هڻي، اسان جي پهرين حڪومت آهي جيڪا چونڊ سڌارا آڻڻ چاهي ٿي ته جيئن چونڊ عمل ٺيڪ ٿئي، اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ??ه اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو نظام آڻيو??، اهو سمورن مسئلن جو حل آهي، ان تي اسان وڏي محنت ڪئي آهي، مخالف ڌر کان ان تي تجويزون گهريون ??هن جيڪي انهن نه ڏنيون، آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊون مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ڪرايون، پوليس انهن جي هئي، اليڪشن ڪميشن جو ميمبر وزيراعظم جو هم زلف آهي، ڌانڌلي جا الزام وزيراعظم هائوس ۾ ويهي وزيراعظم پاران هنيا ويا آه??، انهن سڀني جو حل اي وي ايم آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اهي مشينون ??يار به ڪيون ??ه??، اسان چاهيون ٿا ته ميڊيا ۽ بار ڪائونسل جون ??موريون چونڊون ??ن تحت ٿين، وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ سسٽم جي ڪري ٽرمپ جا ڌانڌلي جا الزام ثابت نه ٿي سگهيا.