اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير زرتاج گل چيو آهي ??ه گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ ڪنوينشن پاڪستان جي گرين هائوس گئسن جي اخراج بابت ڊيٽا کي سائنسي لحاظ کان ڀارت جي مقابلي ۾ وڌيڪ قابل اعتبار قرار ڏنو ??هي?? موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر ??هي?? پر ان کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌائي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي ميمبر منزه حسن جي صدارت ۾ ٿيو. زرتاج گل چيو ته پاڪستان پنهنجي محدود وسي??ن ۽ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلين بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جي مدد کانسواءِ آلودگي جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج کي روڪڻ جا ٺوس قدم کڻي رهيو ??هي?? هن چيو ته پاڪستان 1994ع کان گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلين بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جو ميمبر ??هي?? جنهن اسرندڙ ملڪن کي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ مالي مدد، ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ سگهه وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، ??مل??تي وزير چيو ??ه گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر ??هي?? پر ان جي باوجود موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون.