اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي اڄ سو??ر ڏينهن 5 آڪٽوبر کان ڪويت جو دورو ڪندو ۽ ڪويت جي مرح??م امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب دوري دوران صدر ڪويت جي نئين امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت ۽ دلي همدردي جو پيغام پهچائيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڪويت جي مرح??م امير جي قيادت ۾ ٻطرفن ويجهن لاڳاپن کي سگهه ملي ۽ ٻطرفو تعاون نئين بلندي تي پهتو. ڪويت جي مرح??م امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح پاڪستان جو هڪ مخلص ۽ آزمايل دوست هو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪيو. ٻطرفي تعاون جي ڏس ۾ سندس ڪوشش?? ۽ ??لائقائي ام?? ۽ ??ستحڪام جي لاءِ سندس خدمتن کي دير تائين رکيو ويندو.