اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزارت چي?? آهي، ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان پروگرام تي عملدرآمد جاري آهي، آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد مستحڪم، پائيدار ۽ عالمي معاشي ترقي ج?? بنياد آهي. ناڻي وزارت پاران گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ چ??و ويو آهي، ته حڪومت آءِ ايم ايف سان ط??ي ڪيل هدفن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي، آءِ ايم ايف سان ويجهي رابطي ۽ مشاورت سان 37 مهينن تي ٻڌل پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪ??و ويندو. بيان ۾ چ??و ويو آهي، ته ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ج?? ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي تازي اجلاس کي بريفنگ دوران معيشت جي استحڪام جي سلسلي ۾ سڌارن تي سختي سان ڪاربند رهڻ جي تسلسل جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير ملڪ جي ديرپا ۽ مستقبل جي معاشي استحڪام لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي اهم اهميت جو به ورجاءُ ڪيو. ناڻي وزارت طرفان پاڪستان جي معاشي مستقبل لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي اهميت ۽ ان تي عملدرآمد جي ورجاءُ جي قومي پريس ۾ به ڀر??ور عڪاسي ٿي آهي. بيان ۾ چ??و ويو آهي، ته آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد ۾ هٿ ٺوڪين ڏکيائين جي حوالي سان قياس آرائيون انفرادي جدت جي عڪاسي ۽ معتبر ثبوت کان انڪاري آهن، حڪومت معاشي استحڪام برقرار رکڻ ۽ شفافيت سان آءِ ايم ايف سان ط??ي ٿيل هدفن تي پورو ڌيان ڏئي رهي آهي. بيان ۾ چ??و ويو آهي، ته آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل درآمد هڪ مستحڪم، پائيدار ۽ عالمي معاشي ترقي ج?? بنياد آهي.