اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت جو پورو ڌيان معاشي استحڪام تي آهي، ملڪ جا معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن، وزيراعظم محمد ??هباز شريف عوام کي ريليف ڏيڻ جي لا??ِ پرعزم آهي. اها ڳالهه ه?? پاڪستان جي دوري تي آيل بنگلاديشي صحايفن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اظه??ر راءِ جي آزادي، حڪومت جي معاشي قدمن سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير بنگلاديشي صحافين کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته وزيراعطم محمد ??هباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جو پورو ڌيان معاشي استحڪام تي آهي، موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ معاشي انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، عالمي رسالا به پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۾ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لا??ِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، اهي منصوبا نه رڳو معيشت کي فروغ ڏيندا پر روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا. هن چيو ته غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لا??ِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي جنهن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس نظام کي بهتر ڪيو پيو وڃي، ان ڏس ۾ ايف بي آر ۾ ٽيڪس سڌارا آندا پيا وڃن. پاڪستان ۾ اظه??ر راءِ جي آزادي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظه??ر راءِ جي آزادي جي اهميت کي تسليم ڪري ٿي، اسان صحافين جي حقن جي تحفظ لا??ِ پرعزم آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ جعلي خبرن جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لا??ِ عالمي سطح تي قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته بنگلاديشي صحافين جا ٿورائتا آهيون ته اهي پاڪستان آيا ۽ حڪومت جي معاشي قدمن بابت ڄاڻڻ ۾ دلچسپي ورتي. بنگلاديشي صحافين جي وفد پاڪستان ۾ ميزباني ۽ تعاون جي فراهمي تي پاڪستان حڪومت، اطلاعات واري وزارت ۽ صحافتي ادارن جا ٿورا مڃيا. وفد جي ميمبرن چيو ته پاڪستان جو دورو ڪري تمام سٺو لڳو، اهڙي طرح جي دورن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ??لندو. بنگلاديشي صحافين جي وفد ۾ اقتدار احمد، مڪرم حسين، رياض احمد، شيخ ساجد، محمد ??بدالودود، جبون احمد ??ارڪار، قمر الزمان ۽ معين الحق شامل هئا. ملاقات ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ عنبرين جان ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.