اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام کي قومي ڏينهن جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت، تعليم ۽ ??ني??دي ڍانچي جي ترقي ۾ گڏيل عرب امارات اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان يو اي اي جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي حمايت ڪندو. اه??ن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي قومي ڏينهن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام کي قومي ڏينهن جي مبارڪباد ڏيان ٿو، گڏيل عرب امارات خوشحالي ۽ ترقي جو مثال قائم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۾ صحت، تعليم ۽ ??ني??دي ڍانچي جي ترقي ۾ يو اي اي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان سان ت??او?? ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي حمايت ڪندو، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ يو اي اي جي ت??او?? تي ٿورائتا آهيون، يو اي اي جي ت??او?? کانسواءِ آءِ ايم ايف پروگرام ممڪن نه هو. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ ويزا جي بحالي پاڪس??ان??ن سان محبت جي عڪاس آهي. اي پي پي/ع – ک 22:43