اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو وچ ۾ ٻه طرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل فائديمند سهڪ??ر ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي بيلا روس جي صدر لوڪا شينڪو جي آ??يان ڪئي. صدر لوڪا شينڪو پاڪستا?? ۾ ??اندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان بيلا روس سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اوهان جو هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ س??ڪ??ر ۽ شراڪتداري جون نيون راهون کولڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿيندو. ٻه طرفي ملاقات ۾ س??اسي لاڳاپن، واپ??ر ۽ سيڙپڪاري، دفاعي سهڪ??ر ۽ علائقائي مسئلن سميت مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن گذريل ڏهاڪن دوران پاڪستان ۽ بيلا روس جي لاڳاپن جي سمورن رخن ۾ هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گڏيل فائديمند سهڪ??ر ۽ اقتصادي، واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. وزيراعظم بيلا روس جي صدر کي پاڪستان حڪومت جي ايڪسپورٽ تي ٻڌل اوسر ۽ دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ذريعي پاڪستان جي اقتصادي بحالي جي پاليسي بابت به آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون.