اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي طرز عمل جي جاچ جي لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي ڪميٽي جي تازه ترين رپورٽ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته رپورٽ ۾ غزه ?? اسرائيل جي جنگي طريقن کي نسل ڪشيءَ ??ي ڪاررواين جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي تر??مان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اها شهرين جي مارجڻ ۽ لکين فلسطينين تي ڄاڻي واڻي مڙهيل سنگين حالتن جي دستاويز آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪميٽي پاران گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف ا??نڊ ورڪس ايجنسي ۽ گڏيل قومن جي خلاف جاري مهم ۽ حملن جي مذمت جي آجيان ڪري ٿو. تر??مان چيو ته اسان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گذريل رات جي ووٽنگ جي نتيجي ۽ غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪرڻ واري قرارداد تي اتفاق راءِ تائين پهچڻ ۾ ناڪامي تي افسوس آهي. تر??مان چيو ته اسان فوري، غيرمشروط ۽ مستقل جنگبندي جي پنهنجي مطالبي ۽ ا??سا??ي امداد تائين بنا رڪاوٽ پهچ سميت فلسطيني پناهگيرن جي لاءِ گڏيل قومن جي ريليف ا??نڊ ورڪس ايجنسي جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا.