اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بنون جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي خوارجي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ??هي ته ملڪ جي به??در پٽن پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير شهادت ماڻيندڙ 12 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ??ه وطن جي امن خاطر جانيون نڇاور ڪندڙ پاڪ فوج جا جوان قوم جا هيرو آهن. سيڪيورٽي فورسز جي به??در سپوتن جون عظيم قربانيون قيامت تائين ياد رکيون وينديون. قوم شهيدن جي سدائين قرضي رهندي. هن چيو ??ه دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي بي م??ال قربانين جو ڪو به م??ال نٿو ملي. شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ هميشه ساٿ نڀائينداسين.