باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ڪوپ 29 جي موقعي تي انتهائي پرجوش ۽ خوشگوار ملاقات ٿي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اي??س تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ??ه باڪو ۾ ورلڊ ليڊرز ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏيندي موسمياتي تبديلي سان لاڳاپيل معاملن تي ڪم جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جي انتهائي شڪار ??لڪ?? مان هڪ آهي ۽ هو موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آذربائيجان ۽ عالم?? برادري سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. وزيراعطم چيو ??ه ملاقات دوران ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مستحڪم بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي خاص طور تي اقتصادي ۽ دف??عي تعاون، ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وچ اوڀر جي صورتحال ۽ ٻين عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ??ه اسان گڏجي هڪ لچڪدار ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل مستقبل جي لاءِ ڪوشش جو عزم ڪريون ٿا.