شيخوپوره-15 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جو چوڻ آهي ته سمورا مذهب احترام لائق آهن، پاڪستان ح??وم?? مذهبي اقل??تن جي حقن جي حفاظت ڪندڙ آهي، ايويڪيو ٽرسٽ جي مذهبي اقل??تن لاءِ خدمتون تعريف جوڳيون آهن. ياترين جي مهمان نوازي اسان جو فرض آهي جنهن کي اسان انجام ڏيندا رهنداسين. بابا گرونانڪ ديوجي جي انسانيت لاءِ تعليم فخر جوڳي آهي. هن چيو ته اقيلتن جي مذهبي عبادتگاهن جي تعمير ۽ رنگ روغن جاري آهي. گورو دواره ڀائي ڪرم سنگهه، گورو دواره ڀائي جوگا سنگهه سميت ٻين ??ردوارن جي بح??لي جا قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان اقل??تن لاءِ محفوظ ملڪ آهي اسان امن ۽ ڀائيچاري جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن سک مذهب جي باني بابا گرونانڪ جي 555هين جنم ڏڻ جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين سيد عطاءُ الرحمان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سک قوم کي جنم ڏڻ جون مبارڪون هجن.هن چيو ته اسان ڀارت مان آيل ياترين ??ي دل جي گهرائين سان پاڪستان پهچڻ تي ڀليڪار ڪريون ٿا ۽ وفاقي ح??وم?? جي خاص هدا??تن جي روشنيءَ ۾ اقل??تن جي فلاح ۽ بهبود ۽ سڄي دنيا مان آيل سک ياترين جي مهمان نوازي ۽ سارسنڀال لاءِ خاص انتظام ڪيا آهن. ننڪانه صاحب ۾ 100 ڪمرن جي تعمير ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن، ياترين ??ي ميڊيڪل ۽ رهائش جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪرتارپور ۾ 5 هزار ياترين جو انتظام آهي جڏهن ته ايندڙ ياترين جو انگن تمام گهٽ آهي. مان ڀارت سميت سڄي دنيا مان ايندڙ سک ياترين ??ي اپيل ٿو ڪريان ته ڪرتارپور ۾ وڌ کان وڌ اچن ۽ گردوارن کي آباد ڪن. ياتري پاڪستان مان پيار محبت جو پيغام کڻي ويندا.