لاهور- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ??سحاق ڊار گذريل ڏينهن حضرت داتا گنج بخش جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي اوقاف کاتي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر طاهر رضا بخاري، نائب وزيراعظم کي داتا دربار ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي حوالي سان بريفنگ ??ني. محمد ??سحاق ڊار تعميراتي ڪمن جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ ڊولپمينٽ اسڪيم کي مقرره وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان پهرين سينيٽر محمد ??سحاق ڊار جي ڀاءُ خضر حيات ڊار (مرحوم) جي ايصال ثواب لاءِ جامع مسجد داتا درٻار ۾ قرآن خواني ج?? پڻ بندوبست ڪيو ويو.