لنڊن – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسح??ق ڊار برطانيا جي نائب وزيراعظم ۽ هائوسنگ، ڪميونٽيز ۽ لوڪل گورنمينٽ بابت سيڪريٽري آف اسٽيٽ انجيلا ريز سان م??اق??ت ڪئي، نائب وزيراعظم برطانيا جي سرڪاري تي دوري آهي. نائب وزيراعظم محمد اسح??ق ڊار برطانوي نائب وزيراعظم کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسح??ق ڊار ٻطرفي ۽ علائقائي ڊومينز ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مضبوط پاڪستان – برطانيا حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ??اڳ??پن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني ڄائي برطانوي شهرين جي تعاون ۽ 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ برطانيا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز جي پاڪستان جي دوري کي ساراهيو. نائب وزيراعظم موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن جي لاءِ عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ برطانيا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ٻنهي حڪومتن جون گڏيل تر??يح??ن آهن. نائب وزيراعظم پاڪستاني برآمدات تائين برطانيا جي مسلسل ڊيوٽي فري پهچ کي پڻ ساراهيو. برطانيا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسح??ق ڊار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي غيرمستقل ميمبرشپ جي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. برطانوي نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ٻرٽش پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار جو اعتراف ڪيو.