ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام ي??ني??رسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته سنڌ مدرسته الاسلام ي??ني??رسٽيءَ جُون پٿر جون ٺهيل قديمي عمارتون ملڪ جي زندهه تاريخ آهن، انهن کي محفوظ ڪيو وڃي.
اھڙو اظهار هن گذريل ڏينهن سنڌ مدرسته الاسلام جي 140هين قيام جي ٽن ڏينهن واري تقريب جي آخري ڏينهن تي سنڌ مدرسته الاسلام ي??ني??رسٽي ۾ ڪافي هائوس جو افتتاح ڪرڻ دوران ڪيو.
ان موقعي تي هن چيو ته اسان سنڌ مدرسة الاسلام ي??ني??رسٽيءَ جي 124 سال پراڻي عمارت ٽالپر هائوس (جولاءِ 1901ع ۾ ٺهيل) جي بحاليءَ وارو ڪم ڪرڻ تي انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ کي ساراهيون ٿا ۽ اميد ڪريون ته ٿا اي ايف ٽي سنڌ مدرسته الاسلام ي??ني??رسٽي جي مک عمارت جي مرمت جو به ڪم ڪندي، جيڪا 1890ع ۾ تعمير ٿي هئي ۽ جتي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ابتدائي تعليم حاصل ڪئي هئي.
وائيس چانسلر ي??ني??رسٽي جي ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته هو انگريزن جي دو?? ۾ ??هيل سنڌ مدرسته الاسلام ي??ني??رسٽي جي پراڻين عمارتن جي سار سنڀال ڪن ڇو ته هن تاريخي عمارت جي سار سنڀال ۽ حفاظت اسان جي گڏيل ذميواري آهي.
حسن علي آفندي لائبريري جي عمارت بابت ڳالهائيندي هن چيو ته جيتوڻيڪ اها لڳ ڀڳ 126 سال اڳ 1898ع ۾ خيرپور ميرس جي ٽالپر حڪمرانن جي مالي سهڪار سان پرنسپال جي بنگلي جي طور تي تعمير ڪئي وئي هئي، پر پوءِ 1985ع ?? ان کي لائبريري ۾ تبديل ڪيو ويو هو. اڄ به ان جي سار سنڀال جي ضرورت آهي ۽ لائبريري مان فائدو حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ ٻين ماڻهن کي گه??جي ته هو ان عمارت کي ڪنهن به طرح ڪو نقصان نه پهچائين. هن شاگردن کي هدايت ڪئي ته اهي پراڻين عمارتن جو خيال رکن، جيڪي سنڌ مدرسته الاسلام جي سڃاڻپ آهن. ڊاڪٽر مجيب صحرائي وڌيڪ چيو ته ڪافي هائوس سنڌ مدرسته الاسلام ي??ني??رسٽي جي سهولتن ۾ هڪ سٺو اضافو آهي. ڪافي هائوس آفيسرن، استادن ۽ شاگردن جي لاءِ آهي، ڇاڪاڻ جو انهن کي اهڙي سهولت جي ضرورت هئي. هن چيو ته ڪافي هائوس ي??ني??رسٽي جي هڪ خالي جاءِ تي قائم ڪيو ويو آهي، جيڪا جاءِ خان بهادر حسن علي آفندي لائبريري جي ڀرسان هئي.
تقريب ۾ مختلف تعليمي شعبن جي ڊين، چيئرپرسن، فيڪلٽي، آفيسرن، ٻين ملازمن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.