اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ع??ام?? جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر مح??د يونس سان ٽيليفون تي بنگلاديش ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف ۽ ع??ام?? جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر مح??د يونس ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم مح??د شهباز شريف پروفيسر مح??د يونس کي چيف ايڊوائيزر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ بنگلاديش جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. هن بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پا??ستان ?? بنگلاديش جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پا??ستان ?? بنگلاديش جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ اتفاق ڪيو ته وسيع تر علائقائي تعاون ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پروفيسر مح??د يونس ٽيليفون ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.