اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نائب صدر ۽ سينيئر اڳوا?? ۽ ??ڳوڻي سينيئر وزير چوڌري محمد عزير جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افس??س جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چوڌري محمد عزير آزاد ڪشمير جي سياست ۾ سرگرم سياسي شخصيت هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪندي چيو ته چوڌري محمد عزير جي لاڏاڻي سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سياست هڪ روشن ستاري کان محروم ٿي وئي.