اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهبا?? شريف ??يو آهي، ته مل?? ۾ عدم استحڪام ۽ بي يقيني پکيڙيندڙ ڌرين کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي. حڪومت رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي باري ۾ هلايل منظم مهم جي ٽوڙ ڪرڻ لاءِ ميڊيا حڪمت عملي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي توجهه ڏني وڃي. اهڙو اظهار هن سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ??يگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي ليڊر ۽ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، جنهن وزيراعظم سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ مجموعي مل??ي صورتحال، عوام کي درپيش مسئلن ۽ ميڊيا بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهبا?? شريف ??يو ته حڪومت رياست ۽ قومي سلامتي جي ادارن بابت هلايل مه?? جو ٽوڙ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ مسلم ??يگ (ن) کي به ميڊيا حڪمت عملي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته مل?? ۾ عدم استحڪام ۽ بي يقيني پکيڙيندڙ ڌرين کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم سينيٽ ۾ مسلم ??يگ (ن) جي مثبت ڪردار جي تعريف ??ندي چيو ته سينيٽ کي جمهوري قدرن ۽ باوقار ماحول لاءِ چونڊيل ايوانن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم شهبا?? شريف سينيٽر عرفان صديقي کي پرڏيهي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان جي اڳواڻي ۾ پرڏيهي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت، پرامن ۽ تعميري تشخص اڀارڻ تي خاص ڌيان ڏيندي.