اسلام آباد -11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال ترقي جي شرح 2.38 سيڪڙو رهي، حڪومتي سڌارن واري پاليسي ٻه طرفي عالمي ۽ گهڻ رخي پارٽنرز طرفان سيڙپ جي آمد ۽ سراسري اقتصادي بحالي سبب هاڪاري اوسر واري شرح ممڪن ٿي. اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته مالي سال 2024?? دوران مهانگائي جي شرح ۾ سراسري طور گهٽتائي رهي. جي ڊي ??ي جي ڳاڻيٽي ۾ 26.4 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ هي گذريل مالي سال جي 83875 ارب رپ??ن جي ڀيٽ ۾ وڌي هڪ لک 6 هزار 45 ارب رپيا تائين پهچي ويو. في ڪس آمدني ۾ 129 ڊالرن جو اضافو ٿيو ۽ جيڪا گذريل مالي سال جي 1551 ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 1680 ڊالرن تي پهچي وئي. سياسي عدم استحڪام ۽ سخت اقتصادي پاليسين سبب سيڙپڪاري جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي ۽ مالي سال 2023ع جي 14.13 جي ڀيٽ ۾ گهٽجي مالي سال 2024?? دوران 13.4 سيڪڙو تي آئي. اهڙي ريت جي ڊي ??ي جي شرح سان بچت جي شرح ۾ به گهٽتائي واقع ٿي ۽ جيڪا مالي سال 2023ع جي 13.2 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ گهٽجي مالي سال 2024?? ۾ 13 سيڪڙو تي اچي وئي.