آستانه – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قزاخستا?? جي شهر آستانه پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جو استقبال پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل نور سليم علي يرگيلم، آستانه ۾ پاڪستا?? جي سفير نعمان بشير ڀٽي ۽ پاڪستا?? جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر (ايس سي او) سفير مرغوب سليم ڪيو. آستانه ۾ نائب وزيراعظم ??ينيٽر محمد اسحاق ڊار قزاخستا?? جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو ۽ ٻطرفي تعاو?? جي شعبن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندو. نائب وزيراعظم ??ي ڪرغز جمهوريه جي پرڏيهي وزير جين بيڪ ڪلوبايف سان آستانه ۾ پڻ ملاقات جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي. ملاقات ۾ پاڪستاني شاگرد?? جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بشڪيڪ جي تازه ترين صورتحا?? تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.