اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف جمهوريه سلوواڪيه جي وزيراعظم رابرٽ فيڪو تي حملي جي مذمت ڪئ?? آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ??لوواڪيه جي وزيراعظم رابرٽ فيڪو تي افسوسناڪ حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اسان جون دعائون ۽ نيڪ خواهشون سندس ۽ سندس خاندان سان گڏ آهن ۽ ان جي جلد صحتيابي ۽ ??ٺي صحت جي لاءِ دعاڳو آهيون. وزيراعظم چيو ته ??سان هن نازڪ لمحن ۾ جمهوريه سلوواڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون.