اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي سان فارسيءَ ۾ ڳالهه ٻ??لهه ڪئي ۽ ايراني شاعرن جي پاڪستان جي حوالي سان فارشي شعر پڻ پڙهيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري تي فارسي زبان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته چشمِ ماه روشن دلِ ماشاد، توهان کي ڏسي اسان جون اکيون ٿڌيون ٿيون ۽ دل خوش ٿي. وزيراعظم ايراني صدر کي علامه تقي بهار جي پاڪستان بابت فارسي ۾ ڪلام ”درود بر پاڪستان“ پڻ پڙهي ٻڌايو. ???هميشه لطف خداباد يارِ پاڪستان، به ڪين مب??د فلڪ باديارِ پاڪستان“ پاڪستان تي الله جو سدائين فضل ۽ ڪرم جاري رهي ۽ آسمان پاڪستان کان ڪڏهن به ناراض نه ٿئي. وزيراعظم ايراني صدر سان ڳالهه ٻ??لهه ۾ فارسيءَ ۾ شعر پڻ پڙهيو جنهن ۾ ان جي پاڪستان جي دوري جي ڀرپور آجيان ۽ کيس بار بار پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم جي فارسي ۾ ڳالهه ٻ??لهه تي شرڪت ڪندڙن جي چهرن تي مسڪراٽ اچي وئي. ايراني صدر ۽ وفد وزيراعظم جي فارسي زبان تي عبور ڏسي خوشگوار حيرت ۾ مب??لا ٿي ويا. وزيراعظم جي فارسي ۾ ڳالهه ٻ??لهه ۽ شعر ٻڌي شرڪت ڪندڙ داد ڏيڻ کانسواءِ رهي سگهيا.