اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب مشڪل وقت ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، سعودي پرڏيهي ??زير جي قيادت ۾ وفد جو دورو پاڪ سعوديه اسٽريٽجڪ ۽ واپاري حصيداري جي نئين دور جي شروعات آهي جڏهن ته سعودي پرڏيهي ??زير فيصل فرحان السعود پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ واپاري ۽ سيڙپڪاري، حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لا??ِ سعودي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي پرڏيهي ??زير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جي قيادت ۾ سعودي وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سعودي وفد ۾ سيڙپڪاري وارو نائب وزير انجنيئر ابراهيم بن يوسف المبارڪ، ماحوليات، پاڻي وسيلن ۽ زراعت وارو سعودي وزير انجنيئر عبدالرحمان بن عبدالامحسن آلفضلي، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو سعودي وزير انجنيئر بندر بن ابراهيم بن عبدالله آلخريف ۽ اعليٰ سعودي عملدار ۽ سفارتي اهلڪار شامل هئا جڏهن ته ملاقات ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، سيد محسن رضا نقوي، ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ محمد جهانزيب خان، قومي اسيمبلي ميمبر رومينه خورشيد عالم ۽ حڪومتي عملدار پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم وفد جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ سعودي قيادت، خادم الحرمين شريفين سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ شهزاده محمد بن سلمان آل سعود جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. ملاقات ۾ وزيراعظم سعودي وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم سعودي عرب سان پاڪستان جي پراڻي ڀائراڻن، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ??لڪن سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. سعودي پرڏيهي ??زير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود پاڪستان سعوديه لاڳاپن جي مضبوطي، واپاري ۽ سيڙپڪاري حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لا??ِ سعودي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم وفد کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ ان جي جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لا??ِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لا??ِ سمورن ادارن جي تعاون ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير جي اهم ڪردار تي پڻ روشني وڌي. ملاقات ۾ فلسطين جي والاريل علائقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي پاڪستان جي د??ري جي دعوت جو پيغام ڏنو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جنهن جو مثال نٿو ملي. سعودي عرب مشڪل وقت ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو. مڪه ۾ هن مهيني سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان پنهنجي شاندار ۽ مفيد ملاقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته سندس د??ري جي ف??ري پوءِ سعودي پرڏيهي ??زير جي قيادت ۾ سعودي وفد جو پاڪستان جو دورو خوش آئنده آهي ۽ ان سان گڏيل طور تي مفيد اقتصادي تعاون جي خصوصي حوالي سان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ٻنهي ??لڪن جي پختي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڌرين کي نئين انتظام تحت پاڪستان ۾ سعودي سيرپڪاري جي لا??ِ پهرين مرحلي کي تيز ڪرڻ جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جو دورو سعوديه اسٽريٽجڪ واپاري حصيداري جي نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڀائر ملڪن سان حصيداري کي گڏيل طور تي مضبوط بڻائڻ جي لا??ِ قدم کڻي رهيو آهي. پاڪستان سعودي عرب پاران سيڙپڪاري وڌائڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي د??ري جي منتظر آهي. ان موقعي تي وفد وزيراعظم جا پاڪستان پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. سعودي وفد جو پاڪستان جو دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي سعودي عرب جي د??ري جي ڏس ۾ ٿي رهيو آهي.