اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)سائبر سيڪيورٽي ۾ مصنوعي ??هانت (اي آءِ) جي مؤثر ڪردار جي اهميت کي نظر ۾ رکندي شعبي ۾ صلاحيتن ۾ اضافو ممڪن آهي. ان ڳالهه جو اظهار پائيدار ترقيءَ واري پاليسي (ايس ڊي پي آءِ) ۽ علامه اقبال ??وپن يونيورسٽي جي انتظام هيٺ پاڪستان ۾ مصنوعي ??هانت ۽ـ سائبر سيڪيورٽي جي حوايل سان مشڪلاتن ۽ موقعن جي موضوع تي رٿ??ل سيمينار دوران ڪيو ويو. ان موقعي ??ي آءِ ٽي ۽ـ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شيزا فاطمه خواجه چيو ته جديد ڊيٽا سان نئين نسل کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي جديد فني تربيت نصاب ذريعي ڏني وڃي، جڏهن ته نصاب تعليم ۽ تعليمي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن ۾ ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان تمام گهڻو پوئتي آهي. آءِ ٽي جي بهتر استعمال ??ان حڪمراني واري نظام ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻي سگهجي ٿي. حڪومت عوام کي هر ممڪن سهول?? ۽ ??اڪستان جي برق رفتار ترقيءَ لاءِ عملي قدم کڻندي.