اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان تاجڪستان جي صدر امام ع??ي رحمان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ٻيهر وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم م??ارڪباد ۽ نيڪ خواهشن تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف 2022ع ۾ تاجڪ صدر جي پاڪستان جي گذريل دوري کي ياد ڪندي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده سياسي، و??پاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. تاجڪ صدر اڳوڻي وزيراعظم م??مد نواز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو جنهن تي وزيراعظم ٿورا مڃيا.