اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هر سياسي پارٽي پنهنجي آئين تحت انٽرا پارٽي ??ونڊون ڪرائ?? جي پابند آهي، ملڪ سان گڏوگڏ سياسي پارٽين جي اندر به جمهوريت ضروري ??هي، نگران حڪومت آئين تحت پنهنجون ذميواريون پوري ڪري هي آهي ۽ بنيادي طور تي ٻن چونڊيل حڪومتن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور معاونت ڪنداسين، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، هر شهري پنهنجي ضمير موجب ووٽ جو حق استعمال ڪري، رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي، تصديق ڪري ??وام تائين سچ پهچائڻ اسان جي ذميواري ۾ شامل آهي. پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام ”ووٽ پاڪستان“ ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته تنقيد جمهوريت ۽ ڪنهن به معاشري ??ي لاءِ ضروري ??هي، ڪنهن کي تنقيد جي حق کان محروم نه ٿو ڪري ??گهجي، نگران حڪومت آئين موجب پنهنجون ذميواريون ادا ڪري ??هي آهي ۽ بنيادي طور تي ٻن چونڊيل حڪومتن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت پرامن، شفاف، غيرجانبداراڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائ?? جي ذميواري ??ليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي، نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن کي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪر?? جي ذميوار آهي. هن چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي معاونت ڪنداسين، چونڊون خميس ڏينهن 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هن چيو ته هر شهري پنهنجي ضمير موجب ووٽ جو حق استعمال ڪري. هڪ سوال تي هن چيو ته پيپلزپارتي، مسلم ليگ (ن)، مولانا فضل الرحمان، ليول پليئنگ جي شڪايت ڪري ??هيا آهن، 2013ع جي چونڊن ۾ به ڪيترين ئي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت هئي. هن چيو ته رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اندروني چونڊن جو جهيڙو هڪ ڏهاڪو پراڻو آهي، 2013ع جي عام چونڊن کان اڳ پي ٽي آءِ جون پهريون ڀيرو انٽرا پارٽي ??ونڊون ٿيون هيون. هن چيو ته هر سياسي پارٽي پنهنجي آئين موجب انٽرا پارٽي ??ونڊون ڪرائ?? جي پابند آهي، پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي ??ونڊن تي اليڪشن ڪميشن پاڻمرادو نوٽيس نه ورتو هو پر ان وٽ شڪايت وئي هئي. هن چيو ته انٽرا پارٽي ??ونڊن جي حوالي سان تازي عدالتي فيصلي سان هڪ قانو??ي نظير قائم ٿي آهي، ان فيصلي سان ٻين پارٽين جي اندر جمهوريت جي لاءِ راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته ملڪ سان گڏوگڏ سياسي پارٽين جي اندر به جمهوريت ضروري ??هي. هڪ سوال تي هن چيو ته پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان عوام جي ٽيڪسن سان هلندڙ ادارا آهن، اسان جي جانبداري پاڪستان جي عوام سان گڏ آهي، عوام تائين تصديق ڪري ??چ پهچائڻ اسان جي ذميواري ۾ شامل آهي. هن چيو ته اسان جو ڪم روشني آڻڻ آهي، ڌُنڌ آڻڻ نه آهي، گذريل 5 مهينن جي اندر اسان سياسي ۽ معاشي حالتن کي بهتر ڪيو آهي، عوام سان اسان جو واعدو آهي ته جنهن حالت ۾ ملڪ اسان کي مليو هو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين.