اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) رضوان سعيد شيخ مصر جي دوري جي موقعي تي گذريل ڏينهن مصر جي ايشيا بابت مع??ون پرڏيهي وزير احمد شاهين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مصر ۾ پا??ست??ن جو سفير ساجد بلال پڻ موجود هو. ڌرين سياسي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن سميت ٻط??فن لاڳاپن جي وسيع مع??ملن جو جائزو ورتو. هن ٻط??فن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جي ايندڙ دور جي اجلاس ۽ هن سال جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ سالياني ٻط??في ??شا??رت منعقد ڪرڻ شامل آهي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ايشيا بابت مع??ون پرڏيهي وزير 9 کان 11 جنوري تي قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ چوٿين پا??ست??ن – آفريقا واپاري ترقي ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائش جي ڪامياب انعقاد کي ساراهيو جيڪا سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿي. هن پا??ست??ن ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.